راڄُو ليکيءَ جو مقبرو

راڄُو ليکيءَ جو مقبرو

راڄُو ليکيءَ جو مقبرو

راڄُو ليکيءَ جو مقبرو: هيءُ مقبرو ڪلهوڙا دور جو تعميراتي يادگار آهي، جيڪو حيدرآباد هوائي اڏي لڳ تاجُو ليکيءَ جي مقبري جي سامهون گنجي ٽڪر تي واقع آهي. مقبري تائين پهچڻ لاءِ رستو وغيره نه آهي ۽ هن وقت گهڻي ڀاڱي اهو مقبرو ڪنهن ٻئي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هن مقبري جي مهاڙي به ٽه-کڻي آهي، مقبري جي اڏاوت تعمير جو بهترين نمونو آهي. مقبري جي عمارت جو وچون کڻ، پاسي وارن کڻن کان اوچو آهي. ٻيڙ ٻنو ڪنگرن سان سنواريل اٿس. مهاڙيءَ جي ڪنڊن تي زمين کان مٿي ڇت تائين گول منارا ڏنل آهن، جيڪي مٿي هلي عمارت جي ٻيڙ ٻني کان به مٿي چئني پاسي کليل ڪوشِڪُن جي صورت وٺن ٿا. وچئين کڻ ۾ مقبري جو لنگهه اونهي گوشي نما (Alcove) ۾ آهي، جنهن جي ونگ اڻيدار آهي. ڇت تي قبو اٿس، جنهن جو ڳچ اٺڪنڊو آهي ۽ ان جو ٻيڙ ٻنو ڪنگرين سان سنواريل آهي. گنبذ جي چوٽيءَ تي ڪلنگي ٺهيل هئي، جيڪا ڪري پئي، گنبذ جا پاسا ڏنيدار (Ribbed) آهن. مقبري جي ڪنڊن تي زمين کان اوساريل منارا هڪ اهڙو انگ آهن، جيڪو سنڌ ۾ تعميراتي يادگار طور ورلي ڏسڻ ۾ ايندو. راڄو ليکي ڪلهوڙن جو خاص منصبدار ۽ صلاحڪار هو. 1190هه/ 1776ع ۾ وفات ڪيائين. سندس مقبرو ميان جا قبا ۽ ڳاڙهي قبرستان خيرپور ناٿن شاهه ۾ به چيا وڃن ٿا.
هتي هن مقبري ۾ ٻاهران لڏي آيل ڪي مقبري جا معتقد کيس ’ماڻڪ شاهه‘ جي مقبري جي نالي سان سڏين ٿا. مقبرو فوجي حدن اندر آهي، ان لاءِ عام ماڻهن کي زيارت لاءِ اوستائين وڃڻ جي اجازت ناهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو